تيج اخبار جيڪب آباد

تيج اخبار جيڪب آباد: هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار 29-1928ع ڌاري رام چند بنسي رام جي ادارت هيٺ جيڪب آباد مان نڪرندي هئي. هيءَ اخبار فقط ”هندو مهاسڀا“ جي طرفداري ڪندي هئي، جنهن سبب هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ اختلاف پڻ پيدا ٿيا. رام چند بنسي رام هن ئي نالي سان پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪئي. سندس وفات بعد هيءَ اخبار سندس ڀاءُ مولچند جي سنڀال هيٺ آئي، پر گهٽ تجربي هجڻ سبب اخبار گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ پنجن ڇهن سالن ۾ هيءَ اخبار بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو